جرم ديهه

جرم ديهه: جرم ديهه تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي هڪ قديم ديهه آهي. ڪلهوڙا دور ۾ قاضي مخدوم احمدي پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمديءَ جي وفات کان پوءِ 1174هه/ 1769ع ۾ مقامي حڪومت جي مسند تي ويٺو، احمد شاهه ابدالي، قاضي احمديءَ جو وڏو معتقد هو. هندستان تي ڪاهه دوران هن بزرگ وٽ حاضري ڀري هئائين ۽ فقيرن جي خرچ ۽ لنگر لاءِ کين تر جون ڪجهه ديهون جاگير طور ڏنيون، انهن ديهن ۾ جرم ديهه به موجود هئي، جيڪا اڄ تائين سندس اولاد جي هٿ ۾ آهي.


لفظ جرم ديههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو